GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

9 مئي ڪيس جي فيصلي سان انصاف جو مان مٿانهون ٿيو آهي، ملڪ دشمنن جو خواب پورو ڪندڙن کي سزائون ڏنيون ويون: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي ڪيس جي فيصلي سان انصاف جو مان مٿانهون ٿيو آهي، ملڪ دشمنن جو خواب پورو ڪندڙن کي سزائون ڏنيون ويون، فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ ۽ منصوباسازن کي به سزائون ملڻ گهرجن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 26 ڊسمبر تي ملٽري ڪورٽ 9 مئي سانحي جي ڏوهارين کي باقاعده سزائون ٻڌايون، 9 مئي تي لاهور جناح هائوس، پي اي ايف ميانوالي، راولپنڊي، قلعه چڪدره جي جوابدارن جا تفصيل سامهون آيا آهن. هن چيو ته ملڪ جي دفاعي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ملڪي دفاعي ٺڪاڻن تي حملا باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ سندس ساٿين جي ڪڌي سازش هئي، انهن 9 مئي جي منصوباسازي ۾ حصو وڌو. هن چيو ته اڄ تمام وڏو ڏينهن آهي، اڄ 60 ڏوهارين جو ڪيس منطقي انجام تي پهتو آهي. وفاقي وزير چيو ته ان ڪيس جو فيصلو جلدي ۾ ناهي ٿيو، ان ۾ ٻه سال جو وقت لڳو، ان ڪيس ۾ باقاعده ثبوت جمع ڪرايا ويا. جن ڏوهارين کي سزائون مليون هي اهي ماڻهو هئا جن 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو، سيڪيورٽي اهلڪارن تي تشدد ڪيو، گهر جي اندر گهڙي ٽي وي ٽوڙيا، ورديءَ جي بي حرمتي ڪئي، گيٽ ٽوڙيا، باهه لڳائي ۽ ملڪ دشمنن جو خواب پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن ڏوهارين جي ٽرائل ۾ سمورن قانوني گهرُجن کي پورو ڪيو ويو، اسان ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، اڄ انصاف جو مان مٿانهون ٿيو آهي، هاڻي ڪير جرئت نه ڪندو ته اهو دفاعي ٺڪاڻن تي حملي آور ٿي دشمنن جو خواب پورو ڪري. هن چيو ته ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل عالمي معاهدن، اسان جي قانون ۽ آئين جي عين موجب آهي. رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل ۾ وڪيل ڪرڻ، فيملي ۽ رڪارڊ تائين پهچ جو حق ڏنو ويو جڏهن ته اهو به طئي آهي ته ڏوهاري ج ي غيرموجودگي ۾ ٽرائل نه ٿيندو. ان ڪيس ۾ اپيل جا به حق ڏنا ويا آهن، اپيل جو هڪ حق ملٽري ڪورٽ جڏهن ته ٻيو حق لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن جي ذريعي ڏنو ويو آهي. هن چيو ته 9 مئي جو ڏوهه ايترو وڏو ڏوهه هو جو ان کان ڪير لڪي يا ڀڄي نه ٿو سگهي، ثبوتن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪير ڪير واقعي واري جڳهه تي موجود هو، ڪير اندر ويو، ڪنهن جلاءُ گهيراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. وفاقي وير چيو ته ستم ظريفي ته اها آهي جو پي اي ايف بيس ميانوالي جي ٻاهران ايم ايم عالم جي جهاز کي به ساڙيو ويو. ان جهاز تي اسان فخر ڪريون ٿا ته اسان جي هڪ پائلٽ دشمن جا جهاز ڪيرائي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. هن چيو ته 9 مئي سانحي جي ڏوهارين دفاعي ٺڪاڻن کي باهه لڳائي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ تمام وڏو ڏينهن آهي، اهي سمورا ماڻهو جيڪي 9 مئي سازش ۾ شامل هئا جن جلاءُ گهيراءُ ڪيو، انهن سڀني کي سزائون ٻڌايون ويون آهن. هن مطالبو ڪيو ته ان سازش جي ماسٽر مائنڊ ۽ ٻين منصوبا سازن کي به منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ۽ انهن جو به ٽرائل مڪمل ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن باني چيئرمين جي 9 مئي تي جلاءُ گهيراءُ جي فيصلي سان اختلاف به ڪيو هو پر ان جي باوجود ڏوهارين اهو ڪم ڪيو، انهن جي موبائيل فون جي لوڪيشن ۽ موقعي تي موجودگي ثابت آهي، هر شيءَ واضح آهي ته اهي حملي آور هئا، انهن جلاءُ گهيراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. انهن ڏوهارين جا نه رڳو وڊيو ثبوت موجود آهن پر ٽيڪنيڪل ثبوت به موجود آهن، ڪئميرا جي اک کان ڪير بچي نه ٿوس گهي. هي اهي ماڻهو هئا جن دشمنن جو خواب پورو ڪيو ۽ اڄ به انهي بيانيي تي عمل پيرا آهن. هن چيو ته اڄ قانون جو مان مٿانهون ٿيو آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هوندي ۽ اڳتي ڪير به جرئت نه ڪندو ته هو ملڪ ۾ انارڪي ڦهلائي ۽ دفاعي ٺڪاڻن ۽ قومي سلامتي جي علامتن کي نقصان پهچائي. هن چيو ته اڄ شهيدن جا روح پرسڪون هوندا، جن ماڻهن انهن جي يادگارن کي مسمار ڪيو ۽ تشدد ۽ انتشار جو رستو اختيار ڪيو، اڄ انهن کي سزائون ٿيون ۽ اهي منطقي انجام تي پهتا. هاڻي ڪير ملڪ طرف ميري اک سان نه ڏسي سگهندو، رياست پاڪستان مضبوط ٿيندي، آئين جي بالادستي ٿيندي. هن چيو ته اڄ ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ به چئي ڇڏيو ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں