GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

هڪ فاشسٽ ۽ نام نهاد سياسي پارٽي کي هر ڪنهن جي ريڊ لائين عبور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو، پيپلزپارٽي مسلسل ٽن نسلن تائين قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون، جانين جا نذرانا پيش ڪيا پر آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي: بلاول ڀٽو زرداري

image

اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ فاشسٽ ۽ نام نهاد سياسي پارٽي کي هر ڪنهن جي ريڊ لائين عبور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو، پيپلزپارٽي مسلسل ٽن نسلن تائين قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون، جانين جا نذرانا پيش ڪيا پر آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي، اڃان به آئين ۽ جمهوريت جي دفاع لاءِ هر قسم جي قرباني ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته آئين بابت عالمي ڪنوينشن کي مخاطب اهيان، اسان پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيون، آئون دوست ملڪن مان ايندڙ نمائندن کي ڀليڪار ۽ انهن جا ٿورا مڃان ٿو، اسان جا دوست سوچي رهيا هوندا ته ان ملڪ ۾ آيا آهيون جتي آئين کي بار بار پائمال ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ ڇو اسان گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيون جيڪي مشڪلاتون اسان ڏٺيون آهن اسان آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا اسان ڪيترن مسئلن مان گذري سرخرو ٿياسين، اسان بار بار مارشل لاء ۽ ڊڪٽيٽر ڏٺا، اسان اڳ ۾ جنرل ضياءَ ۽ پوءِ مشرف کي منهن ڏنو، پاڪستان جي جرئتمند عوام انهن آمرن جو بهادري سان مقابلو ڪيو، پاڪستان ۾ اها جدوجهد پاڪستان جي آئين جي ڪري ٿي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ عوام ڏانهن آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پاڪستان جي اقتصاديات، پاڪستان ۾ جمهوريت جي لاءِ مُخالف ڌر ۾ ويهي فيصلو ڪيو، اسان ڏٺو ته ڪيئن اڳوڻي دور ۾ اسان جي عورتن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، اسان ٽن نسلن کان جمهوريت جي لاءِ ويڙهه وڙهي پر اسان قانون هٿ ۾ نه کنيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ٿي ته جيالن پاڻ کي ته باهه لڳائي پر ملڪ کي باهه نه لڳائي، منهنجي ماءُ جڏهن شهيد ٿي ته اسان پنهنجي ليڊر سان گڏ هڪ ماءُ کي وڃايو، محترمه جي سهادت جي وقت ڪارڪن تمام سخت ۽ ڪاوڙ ۾ هئا پر ڪنهن کي انتقام وٺڻ نه ڏنو. هن چيو ته اسان واضح ڪري ڇڏيو ته جمهوريت سڀني کان بهترين انتقام آهي، جڏهن اسان جا ڪارڪن ڪاوڙ ۾ هئا ۽ تڪراري نعرا هنيا ويا ته منهنجي والده جي لاش کي دفنائڻ کان اڳ منهنجي والد پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، اسان تمام گهڻا بدترين مثال ڏٺا، مشڪل حالتون ڏٺيون پر ڪڏهن پاڪستان جي آئين کي نه ٽوڙيو، اسان تمام گهڻي ڏک ۾ هئاسين پر ان جي باوجود اسان امن سان پيار جو پيغام ڏنو، آئون نه رڳو پنهنجي مهمانن پر عوام سان به معذرتخواهه آهيان ته تاريخ جي مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيا آهيون، هن وقت سياسي مشڪل صورتحال ۾ ڪجهه ماڻهو افراتفري پکيڙي رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو ايمان آهي ته اهي هر قسم جي ظلم جو مقابلو ڪنداسين جيڪي دهشتگردي ۽ افراتفري طرف وڃن ٿا، ملڪ کي ظلم ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ملڪ ۾ قانون موجود آهن، هڪ اڳوڻي وزيراعظم نه رڳو قانون کي هٿ ۾ کنيو پر هن آئين کي ٽوڙيو. بي اعتمادي رٿ جي ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر هن ايوان ۾ آئين ٽوڙيو. پرڏيهي وزير چيو ته سياسي انتقام جي شائبه جي ڪري آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف گهيرو تنگ نه ڪيو ويو، اسان مزاحمت ڪري سگهياسين پئي پر سياسي انتقام جي الزام جي ڪري اسان ڪا ڪارروائي نه ڪئي، اسان ان وقت به ڪو ايڪشن نه کنيو جڏهن لاهور کي تحريڪ انصاف جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ تباهي پسند پارٽي پاڪستان جي خلاف هٿيار کڻي ڇڏيا آهن، اهي ريڊ لائين ڪراس ڪري رهيا آهن. جهڙي طرح عوام آمرن جو مقابلو ڪيو اهڙي طرح ان جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار شخص جو به مقابلو ڪندي. مون کي اميد آهي اسان جلد ان مشڪل صورتحال مان نڪري اينداسين.

مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری