اسلام آ??اد – 17 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان ??ازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران ??اري ڪيل انگن اکرن مو??ب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رونا جي 2 هزار 50 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 30 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وڊ – 19 جا 29 هزار 378 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان ??نڌ ۾ 11 هزار 596، پنجاب ۾ 12 هزار 32، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 831، اسلام آ??اد ۾ هڪ هزار 917، بلوچستان ۾ 356 ، گلگت بلتستان ۾ 302، آزاد ڪشمير ۾ 344 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 24 هزار 834 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 218 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 61 هزار 82 آهي.