اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪش??يري حريت پسندن سان والهاڻي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ سان ملهايو ويو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم ذريعي ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق ??اص?? ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويند??. 27 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿيا جڏهن ته ميڊيا جي ذريعي سڄي دنيا جي انساني حقن جي علمبردارن ۽ گڏيل قومن جي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرانن کي ڪش??يرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪش??ير جي پراڻي مسئلي ??ي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪش??يري مسلمانن تي جاري ڀارتي فوج جي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد جي سلسلي ??ي روڪيو وڃي.