اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي گادي واري شهر ر??اض ۾ سعودي پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو، سعودي پرڏيهي وزير شهزاده في??ل بن فرحان السعود پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده في??ل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علا??قا??ي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.