اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي چئلينجز جي حل لاءِ مسجدن ۽ عا??م سڳورن جي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته اهم سماج?? مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انهن سان لاڳاپيل اسلامي تعليم کي عا?? ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ذميدارين ۽ واعدن کي پورو ڪرڻ تي موثر انداز ۾ تيار ڪري سگ??جي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ??يئ??مين قبله اياز شرڪت ڪئي.