اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پن??نجا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ گذريل حڪومتن کان ورثي ۾ مل??دڙ توانائي جي بحران تي موثر انداز ۾ ضابطو آندو آهي، هر قسم جي صارفين جي لاءِ گئس جي لوڊشيڊنگ ماضي جو قصو آهي جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ به جلد ختم ٿي ويندي. هن اها ڳالهه پاڪستان آئل اينڊ گئس ڪانفرنس 2017ع جي افت??اح?? ويهڪ کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم جيڪو ان کان اڳ چار سالن تائين پيٽروليم وارو وزير به رهيو هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حل پيش ڪر?? رهي آهي.