اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ولڪن بوزڪر ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم تڪرارن، افعان امن عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدني جي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 وبا جي ڏس ۾ اقتصادي بحالي جي ڪوششن بابت ??خت??ف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان فلسطين مسئلي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ امن عمل جي بحالي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ ق??م کڻڻ گهرجن، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي م??ئلن جي حل لاءِ گڏيل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اس??ند?? ملڪن جي م??د لاءِ قرض ۾ رليف، اقتصادي بحالي جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ولڪن بوز وزيراعظم کي اهم عالمي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي م??ئلن جي حل لاءِ جنرل اسيمبلي جي پنهنجي صدارت جي م??ي دوران ڪيل ??خت??ف قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.