اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست قانون جي حڪمراني ۽ انسانيت جي ڀلائي جي بنياد تي قائم ٿي، مسلمانن جڏهن ته انهن اصولن تي عمل ڪيو ڪامياب ٿيا، جن ملڪن انهن اصولن تي عمل ڪيو اهي ترقي ڪري ويا، جيڪي قومون قانون جي حڪمراني تي عمل ناهن ڪنديون اهي تباهه ٿي وينديون آهن?? اميد آهي ته مسلمان ملڪ مديني جي رياست جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪ ۾ تهذبي قدرن جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. عالمي ڪانفرنس جو انعقاد رباط اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، سائٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ڪيو ه??. و??ير??عظم چيو ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد تي دنيا جي عظيم ترين تهذيب قائم ڪئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست هو، اسان کي پيغمبر ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن سندس صاحبزاده به ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ملندي، ٻيو ه?? فرمايو ته اوهان کان پهريون ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿيون ڇاڪاڻ جو ه??ن طاقتور ۽ امير، غريب ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ ڌار ڌار قانون ٺاهي رکيا هئا، و??ير??عظم چيو ته جن قومن ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي ۽ اتي جهنگل جو قانون هوندو آهي ته اهي جلد يا دير تباهه ٿي وينديون آهن جڏهن ته عظيم قومون انصاف جي اصولن تي عمل پيرا رهنديون آهن، و??ير??عظم چيو ته اسان جي پيغمبر ﷺ انسانيت جي تاريخ ۾ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو رياست غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ ڪمزور طبقي جي ذميداري قبول ڪئي، پينشن جو نظام به ٻي خليفي حضرت عمر جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ رياست بزرگ شهرين جي امداد جي ذميداري ورتي. اها هڪ مثالي رياست هئي.