ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زور ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ??يل??ي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پاڪستان ??يل??ي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي سوسائٽي جي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪر?? تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??نگلاديش عورتن جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ملڪ مان غربت کي ختم ڪر?? ۽ معيشت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته ??نهي طرح پاڪستان کي به پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪر?? لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪر?? تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.