اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي درپيش صح?? جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صح?? جي عالمي اداري سان حصيداري وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صح?? جي عالمي اداري جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضر??رت آهي. صدر حڪومتي قدمن جي سپورٽ ڪرڻ ۽ بنيادي صحت جو نظام م??بو?? بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار کي ساراهيو. صدر گهر جي سطح تي ذهني صح?? جي اهميت ۽ شروعاتي مشاورت بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ذهني صح?? جي ٽول ڪِٽ جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي ضر??رت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا پاڪستان جو صحت جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو پاڪستاني عوام جي صحت بهتر بڻائڻ جي لاءِ تعاون جاري رکندو. صدر چيو ته ذهني صحت تي معاونت جو نظام قائم ڪرڻ، معياري ذهني صح?? جي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي ڌرين جي تعاون ۽ خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضر??رت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا بريسٽ ڪينسر، ذهني صحت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن سميت صح?? جي مختلف مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ صدر ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. صدر پاڪستان جي صح?? جي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا جي ڪردار ۽ عزم کي ساراهيو.