اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم ج??ن ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صحت واري نگران وزير صدر کي ص??ت جي شعبي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر نديم ج??ن صدر کي ٻڌ??يو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي ايجنڊا تحت پرائمري هيلٿ ڪيئر سسٽم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام جاري ڪرڻ سان صحت جي شعبي ۾ مثبت نتيجا برآمد ٿيندا. هن چيو ته سڄي ملڪ جي 5 سئو بنيادي ص??ت جي مرڪزن کي ٻن مهينن جي اندر اپ گريڊ ڪيو ويندو، انهن مرڪزن کي ص??ت جي عالمي اداري جي تعاون سان اپ گريڊ ڪيو ويندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ص??ت جي شعبي ص??ت واري نگران وفاقي وزير جي ويزن ۽ سڌارن کي ساراهيو.