اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته و??پا??ي برادري ڪاروبار کي فروغ ڏئي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره?? آهي. اها ڳ??لهه هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته چيمبر جي تعاون سان بزنس ڪميونٽي جي اهم مسئلن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري سان ئي معيشت م??بو?? ٿئي ٿي. ملڪي ترقي ڪاروباري طبقي جي خوشحالي سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته روانگي و??پا?? کي وڌائڻ جي لاءِ پاليسي سازي ۾ ڪاروباري طبقي جي راءِ کي اهميت ڏيڻي پوندي.