اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چين پاڪستان جو مخلص دوست آهي جنهن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، 74 سالن ۾ چين سائنس، ٽيڪنالاجي، معيشت، ثقافت، اقتصادي ۽ سماجي ترقي، استحڪام، قومي اتحاد ۽ سرحدي دفاعي استحڪام تما?? گهڻي ترقي ڪئي، چين اڄ پنهنجي محنت جي ڪري دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن چين جي 74 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي چين?? سفارتخاني پاران منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پنهنجي آزاد?? جون 74 بهارون ڏسي چڪو آهي، چين اونداهين مان روشني طرف، غربت مان ترقي طرف هڪ نئون رستو کوليو، 74 سالن ۾ چين سائنس، ٽيڪنالاجي، معيشت، ثقافت، اقتصدي ۽ سماجي ترقي، استحڪام ۽ قومي اتحاد ۽ سرحدي دفاعي استحڪام ۾ تما?? گهڻي ترقي ڪئي، چين اڄ پنهنجي محنت جي ڪري دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل آهي. چين جنهن اندا?? ۾ ??نيا آڏو ترقي ۽ خوشحال?? جو منصوبو متعارف ڪرايو، ان سان ان جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي سان اهو ثابت ٿيو ته چين ”گڏيل خوشحالي“ ۽ ”گڏيل ترقي“ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته ترقي جي جنهن مقام تي چين اڄ پهچي چڪو آهي، ان سان پاڪستان ئي نه خطي جا ٻيا ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي چين جي عوام، حڪومت، چين?? سفارتخاني جي سمورن عملي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوست?? جو اهو سفر اهڙي طرح جاري رهندو. تقريب ۾ چين ج?? سفير جيانگ زيڊونگ ۽ معزز مهمانن چين جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان گڏجي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.