لاهور-06 ??گس?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ هيپاٽائٽس سي آگاهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن کي ڀليڪار چوان ٿو، پي ڪي ايل آءِ 2015ع ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪ??ي، يونيورسٽي جي قيام هڪ وڏو منصوبو آهي، 2018ع ۾ پي ڪي ايل آءِ جي پڄاڻي ٿي، پروفيسر سعيد اختر پي ڪي ايل اءِ لاءِ گهڻي محنت ڪ??ي، ڊاڪٽر سعيد جي سربراهي ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جي شروعات ڪ??ي. هن چيو ته امير ۽ غريب ۾ بنا فرق جي پي ڪي ايل آءِ ۾ علاج ڪيو ويندو آهي، مريضن لاءِ پي ڪي ايل آءِ هڪ اميد جي ڪرڻو آهي، پي ڪي ايل آءِ کي جديد خطوط تي عالمي معيار جي مطابق بڻايو ويو. هن چيو ته هيپاٽائٽس جي روڪٿام لاءِ وفاق صوبن کي فنڊز فراهم ڪندي. ان قدمن جو مقصد مريضن کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ آهي، سرندي وارا به فنڊز ۽ دوائون اداري کي فراهم ڪ??دا. وزيراعظم چيو ته پي ڪي ايل آءِ جي ڊاڪٽرز ۽ عملو بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هيپاٽائٽس جي روڪٿام لاءِ آگاهي مهم گهڻي ضروري آهي، پي ڪي ايل لاءِ ٽرسٽ فنڊز ۾ 15 ارب روپيا گڏ ٿيا آهن.