اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آف??سر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي شڪايت رد ڪري ڇڏي. شڪايت ڪندڙ عورت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، جوابدار جي خلاف ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جا نه الزام ثابت ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ڪيس جي ڪارروائي ۾ پيش ٿي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جي عمل جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل جي خلاف عورت آف??سر ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي، ڪم ڪاري واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب انڪوائري ۽ رپورٽ جي لاءِ معاملو قومي اسيمبلي جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. شڪايت ڪندڙ معاملو اندروني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي خلاف اپيل داخل ڪئي جنهن صدر سال 2020ع ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. صدر ڪميٽي کي الزامن جي منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي انڪوائري يقيني بڻائڻ جو چيو هو. صدر جي فيصلي جي خلاف عورت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، ??ن کي به رد ڪيو وي??. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي انڪوائري ڪئي ۽ رپورٽ محتسب کي پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو وي?? ته شڪايت ڪندڙ عورت جوابدار جي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو وي?? ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي سان وقت جي پابند نه آهي. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب عورت آف??سر جي شڪايت رد ڪري ڇڏي. عورت فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، ??در ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. 2014ع ۾ ٿيندڙ مبينا هراسمينٽ جي شڪايت محتسب کي 2019ع ۾ جمع ڪرائي وئي. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ بار بار نوٽيس جي باوجود محتسب آڏو پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪم جي جڳهه تي عورتن جي هراسمينٽ جي خاتمي جو ايڪٽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ عورتن جي بنيادي حقن جي لاءِ لاڳو ڪيو وي?? آهي. صدر قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، محتسب صحيح فيصلو ڏنو آهي ان لاءِ عورت جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.