اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال دوران رمضان المبارڪ ۾ وزيراعظم پاران مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريش?? ذريعي مفت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلا?? ۾ ??نعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت رابطاڪار بلال اظهر ڪياني، وفا??ي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلا?? ۾ ??نعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان گذريل مالي سال دوران وزيراعظم جي مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريش?? ذريعي مستحق شهرين کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اسڪيم جي شروعات 18 مارچ 2023ع تي ڪئي وئي ۽ ا??ا اسڪيم 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.