اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپيئن حمزه خان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ سرمايو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپئن حمزه خان سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حمزه خان جو والد نياز الله خان ۽ ان جي والده کانسواءِ بين الصوبائي رابطن وارو وزير احسان الله مزاري، خصوصي معاون شزه فاطمه خواجه، بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري حنيف اورڪزئي ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ اسڪوائش فيڊريشن ايئر وائيس مارشل ڪاظم حماد به موجود هو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف حمزه خان کي حڪومت پاران حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو انعامي چيڪ به ڏن??. ح??زه خان وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن ج?? تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيرا??ظم حمزه خان جي والدين سان پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئي. حمزه خان وزيرا??ظم کي حمزه جي حوصلا افزائي تي ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم حمزه خان کي تازو ئي آسٽريليا ۾ عالمي جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيرا??ظم چيو ته توهان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ قومي سرمايو آهن. پاڪستان کي ڏهاڪن کانپوءِ اسڪوائش جو ايترو وڏو ٽائيٽل کٽڻ تي مون سميت سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو. اسڪوائش هڪ بهترين راند آهي، ماضي ۾ به اسڪوائش کيڏندو رهيو آهيان، اميد آهي ته توهان جلد ئي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اسڪوائش جو سينيئر عالمي ٽائيٽل به کٽيندا. وزيرا??ظم چيو ته توهان پاڪستان جي ٻين نوجوانن ۽ رانديگرن جي لاءِ رول ماڊل آهيو، منهنجي سدائين اها خواهش رهي آهي ته نوجوانن کي راندين جي عالمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، تازو ئي اسان سڄي پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ قومي اسپورٽس ??دم جاري ڪيا. پاڪستان ۾ پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جو قيام ۽ هن ملڪ جي لکين باصلاحيت نوجوانن کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ مالي ۽ فني سهولتون به ان پروگرام جو حصو آهن.