اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 ??يڪ??و ت??مي?? وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي ته جيئن جون 2024ع تائين انهن جي ت??مي?? ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر جي فراهميءَ لاءِ ??ي ايس ڊي پي جو 52 ??يڪ??و رکيو ويو آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ??مي??نيڪيشن لاءِ ڄاڻايل رقم 267 ارب رپيا جيڪو ڪل ڳاڻيٽي جو 28 ??يڪ??و آهي. واٽر سيڪٽر لاءِ رکيل رقم 100 ارب رپيا (11 ??يڪ??و) آهي. توانائي جي شعبي ۾ رکيل رقم 89 ارب رپيا (رکيل رقم جو 9 ??يڪ??و)، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائ??سن?? لاءِ ڄاڻايل رکيل رقم 43 ارب رپيا آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن جي متوازن ترقيءَ لاءِ 108 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جن مان 57 ارب رپيا ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ، 32.5 ارب رپيا آزاد ڄمون ڪشمير ۽ 28.5 ارب رپيا گلگت بلتستان لاءِ رکيا ويا آهن ته جيئن انهن علائقن جي ترقيءَ کي ملڪ جي ٻين علائقن جي ويجهو آڻي سگهجي.