اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت قومي صحت، سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي 9 نئين ۽ 31 جاري منصوبن جي ل??ءِ 13 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب نئين منصوبن جي ل??ءِ 2 ارب 59 ڪروڙ 66 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊز رکيا ويا آهن. ان ?? اسلام آباد ۾ بوڪرا واري جڳهه تي طبي مرڪز قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 20 ڪروڙ رپيا، ليبارٽري جي قيام جي ل??ءِ 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي گادي واري شهر ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي نيشنل هيلٿ سپورٽ منصوبي جي ل??ءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. گمبٽ سنڌ ۾ بائيوليجڪل اينڊ ڪينسر ريسرچ ۽ ٽريٽمينٽ جي ل??ءِ 50 ڪروڙ رپيا?? هيپاٽائيش سي جي خاتمي جي وزيراعظم قومي پروگرام جي ل??ءِ 50 ڪروڙ رپيا ۽ اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جي ل??ءِ اوزارن جي خريداري جي ل??ءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم جي زيابيطس کي روڪڻ جي قومي پروگرام جي ل??ءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزارت جي 31 جاري منصوبن جي ل??ءِ 10 ارب 50 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي ??هي. اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ ا??ب رپيا، ڳوٺاڻن علائقن ۾ صحت جي سهولت جي استحڪام ۽ اپ گريڊيشن جي ل??ءِ 35 ڪروڙ 69 لک، پمز ۾ نيورو سرجري جي شعبي جي اپ گريڊيشن جي ل??ءِ 30 ڪروڙ رپيا?? هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي بهتري ل??ءِ 14 ڪروڙ 58 لک رپيا رکيا ويا آهن. پمز ۾ 200 بسترن تي ٻڌل حادثن واري شعبي ۽ ايمرجنسي مرڪز قائم ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ ا??ب 20 ڪروڙ رپيا، جي – اليون ٿري ۾ جناح اسپتال اسلام آباد قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا جڏهن ته اسلام آباد جي قومي هيلٿ انشورنس پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ صحت سهولت پروگرام جي ل??ءِ 2 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي ??هي.