اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان هلندڙ مهيني معاهدو ٿيڻ جي ا??يد آهي، پوري دنيا ۾ هن وقت مهانگائي پنهنجي عروج تي آهي، اڳوڻي حڪومت معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو هو، مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، زرعي شعبي ۾ خوشحالي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، معيشت جي ترقي سياست اس??حڪام سان واڳيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرن کي ڀليڪار ڪيو. هن بطور وزيراعظم جي صلاحڪار مقرري تي شيخ روحيل اصغر کي مبارڪباد ڏيندي ا?? اميد جو اظهار ڪيو ته هو محنت سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ناڻي واري وزير اس??اق ڊار گذريل ڏينهن معيشت جي صورتحال تي پريس ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪيو آهي، اها ڳالهه لڪل نه آهي ته 14 مهينا اڳ جڏهن اس??ن ذميواري سنڀالي ته اس??ن جي آڏو وڏا معاشي چئلينجز هئا، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو هو پاڻ ئي ا?? جون ڌڄيون اڏايون هيون ۽ پاڻ ئي ا?? جي خلاف ورزي ڪئي، اس??ن وڏي مشڪل سان آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ڪيا. وزيراعظم چ??و ته گذريل سال ماحولياتي آلودگي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو جنهن معيشت کي تمام گهڻو ن??صان پهچايو، ان جي باوجود ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ ڪابينا جي ڪيترن ئي ميمبرن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پوري محنت سان ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو، عالمي ادارن کان به مدد ورتي وئي ۽ وفاق ۽ صوبن پنهنجي وسيلن مان اربين رپيا خرچ ڪيا، وفاق ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ڪيا، دوست ملڪن اس??ن جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته ٻوڏ سان ان جي معيشت کي 30 ارب ڊالر جو ن??صان ٿيو. وزيراعظم چ??و ته يوڪرين ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال سان عالمي منڊين ۾ ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون، دنيا ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو جنهن جو پاڪستان جهڙن اس??ندڙ ملڪن کي اربين ڊالر کان وڌيڪ ادا ڪرڻ جي صورت ۾ نقصان ٿيو ڀلي ا??و تيل جي قيمتن جو معاملو هجي يا ڀاڻ، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جو، هر لحاظ کان اس??ن تي بار ۾ ا ضافو ٿيو. وزيراعظم چ??و ته آءِ ايم ايف سان گڏ ويٺاسين ۽ آءِ ايم ايف جي سمورين شرطن کي جيئن جو تيئن نه رڳو تسليم ڪيو پر اس??ن ان سلسلي ۾ پوري طرح شروعاتي قدم پڻ کنيا. وزيراعظم چ??و ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ايگريمنٽ تي اڃا تائين صحيحون ناهن ڪيون ويون جنهن کانپوءِ بورڊ ۾ اهو معاملو وڃڻو آهي. وزيراعظم چ??و ته اميد ڪرڻ گهرجي ته سموريون شرطون پوريون ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف جو نائنٿ ريويو مڪمل ٿي بورڊ مان ان جي منظوري ٿي ويندي. وزيراعظم چ??و ته ان جي آءِ ايم ايف جي ا??م ڊي سان هڪ ڪلاڪ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن جي نتيجي ۾ آئون اها ڳالهه چئي رهيو آهيان. مون ان??ن کي تجويز ڏني هئي ته جيڪڏهن توهان خاطري ڪرايو ته وڌيڪ جيڪي هڪ ٻه ضروري قدم آهن اس??ن اهي به ڪنداسين. هن مون کي زباني ڪمٽمنٽ ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اس??ن اهي قدم به کڻي ورتا آهن تنهن ڪري هاڻي ڪا رڪاوٽ باقي نه آهي. وزيراعظم چ??و ته مون جيڪي مسئلا توهان آڏو رکيا آهن ان سان پاڪستان جي عام ماڻهو جي مٿان مهانگائي جو تمام گهڻو بار پيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا ۾ هن وقت مهانگائي عروج تي آهي، ڀلي ا??و برطانيا آهي يا امريڪا، هر جڳهه مهانگائي آهي پر ان??ن جي معيشت ۾ ايتري سگهه آهي جو اهي پنهنجي عوام کي ريليف ڏئي سگهن ٿا پر جڏهن اس??ن پاڪستان جي واڳ سنڀالي ته گذريل حڪومت معيشت جو جنازو ڪڍي چڪي هئي، ان??ن 14 مهينن ۾ جيڪي مشڪلاتون اس??ن تي آيون اهي مون ٻڌايون آهن، ان دوران اس??ن جي پراڻي ۽ اعتماد جوڳي دوست چين اس??ن جي ڀرپور مدد ڪئي، اس??ن کي مالي تعاون فراهم ڪيو ۽ گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ چيني حڪومت جو تعاون انتهائي مددگار ثابت ٿيو ۽ ان جي تفصيل ۾ آئون نه پيو وڃان، آءِ ايم ايف جي حوالي سان پنهنجي ڀائر ملڪ سعودي عرب ۽ يو اي ا?? اس??ن جو ساٿ ڏنو ۽ آءِ ايم ايف جون جيڪي اضافي شرطون هيون ان??ن موجب سعودي عرب 2 ارب ڊالر ۽ يو اي ا?? هڪ ارب ڊالر جو تعاون فراهم ڪيو ۽ ڏکئي وقت ۾ اس??ن جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي اس??ن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چ??و ته اس??ن جي سامهون چئلينج اهو آهي ته مهانگائي غريب ماڻهو تي تمام گهڻو بار وڌو آهي، اس??ن جي ا??تصادي ترقي جنهن رفتار سان ٿيڻ گهرجي ها اها شديد متاثر ٿي آهي. وزيراعظم چ??و ته الله تعاليٰ جو تمام گهڻو فضل ۽ ڪرم آهي جو جاري خساري جي حوالي سان گذريل مهينن ۾ بهتري آئي آهي ۽ اهو گهٽ ٿي 3.3 ارب ڊالر رهجي ويو آهي. هن چيو ته اس??ن جي وسيلن تي تمام گهڻو بار آهي. وزيراعظم چ??و ته بجيٽ جي تياري ۾ برآمد ڪندڙن، ڪاروباري طبقي، آءِ ٽي ماهرن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، مون پاڻ ان سلسلي ۾ ملاقاتون ڪيون آهن. هن چيو ته اس??ن کي زرعي شعبي ۾ تمام جلد سٺا نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا، رڳو ان ڳالهه تي خوش ٿي وڃڻ ته آبادگار کي ڪڻڪ جي سٺي قيمت ملي آهي ته ان لاءِ سٺي فصل ٿي آهي، اهو صحيح نه آهي، اهو الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي. هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن جي في ا??ڪڙ پيداوار اس??ن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، اس??ن کي ا?? سلسلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻو پوندو ڇو ته اس??ن ماضي ۾ ان سلسلي ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهياسين، ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مختلف ٻين فصلن جي في ا??ڪڙ پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، اس??ن کي ا?? سلسلي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ ڳوٺاڻن علائقن، ڳوٺن ۾ زرعي جنسن تي ٻڌل وليو ايڊيڊ چينز قائم ڪرڻيون پونديون، انب جي فصل کي بهتر اسٽوريج جون سهولتون فراهم ڪري محفوظ ڪري سگهجي ٿو. زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن ڪري سگهجي ٿي، زرعي شعبي ۾ اربين ڊالر جي روانگي واپار جا امڪان موجود آهن. وزيراعظم چ??و ته زراعت تي ڌيان ڏئي زرعي علائقن ۾ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي، نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چ??و ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، ان بابت لاڳاپيل وزير قوم کي آگاهه ڪندا. هن چيو ته پوري دنيا ۾ معيشت جي ترقي سياسي اس??حڪام سان واڳيل هوندي آهي، جنهن ملڪ ۾ سياسي اس??حڪام نه هوندو اتي معيشت تباهه ٿي وڃي ٿي، پاڪستان ۾ گذريل سوا سال کان جيڪا سياسي عدم اس??حڪام پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي لاءِ جيڪي ذريعا پيدا ڪيا ويا ۽ جيڪو بيانيو اختيار ڪيو ويو ۽ جهڙي طرح جٿابندي ڪئي وئي ا?? سان هن ملڪ ۾ سياسي طوفان آيو، جنهن معيشت جي ڦيٿي کي جام ڪيو، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ا??ڪل ختم ٿي وئي، ملڪ جي ا??در سيڙپڪاري رڪجي وئي، صنعتون به متاثر ٿيون، سياسي اس??حڪام کانسواءِ کربين ڊالر جي سيڙپڪاري جو به ڪو فائدو ناهي هوندو، ان سياسي اس??حڪام آڻڻ جي لاءِ اس??ن سڀ گڏ آهيون، رياست پاڪستان ۽ ادارا ان سلسلي ۾ هڪ آهن، سياسي اس??حڪام آڻينداسين ته معاملو اڳتي هلندو. وزيراعظم چ??و ته عام ماڻهو ان صورتحال ۾ پيڙهجي ويو آهي، ان جي پگهار ۾ خاطرخواهه اضافو ن?? ڪيو ويو ته اڻوڻندڙ حالتن کي منهن نه ڏئي سگهندو ان جي لاءِ اس??ن جي ذميواري آهي ته اس??ن پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن جو خيال ڪريون ته جيئن اهو طبقو پنهنجي ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ جي ذميواري پوري ڪري سگهي، اهڙي طرح پينشنرز جي پينشنز پن ناڻي واڌ جي ڪري شديد متاثر ٿي آهي، اس??ن کي پينشنرز جو به خيال ڪرڻو آهي. وزيراعظم چ??و ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ حڪومت فيصلا ڪندي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ڪڻڪ جي بمپر ڪراپ ٿي آهي، ڪپهه جي فصل به وڏي پئماني تي پوکيءَ وئي آهي، اس??ن الله تعاليٰ کان اميد ڪريون ٿا ته هو ڪرم فرمائيندو، دنيا ۾ گئس جون قيمتون هيٺ اچي رهيون آهن، اس??ن گئس جو نئون ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ماضي جي مقابلي ۾ جيڪڏهن گهٽ قيمت تي گئس خريد ڪئي وڃي ته ان جي سراسري قيمت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو جنهن سان ملڪ ۾ اقتصادي ڦيٿو تيزي سان هلندو.