اسلام آباد – 26 – مئي (ا?? پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن ??ي زور ڏنو آهي ته اهي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان انهن کي حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي معذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته خصوصي ماڻهو پنهنجي ڪوٽا م??جب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن ??ي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوصي ماڻهن ??ي پهچ وڌائڻي پوندي. خاتون اول چيو ته نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن ??ي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برا??ري جو تعاون ضروري آهي.