اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي اشرف ممتاز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته سينيئر صحافي اشرف ممتاز جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو. اشرف ممتاز جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعا??يٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.