راولپنڊي- 10 مئي (اي پ?? پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن و??ري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته 9 مئي جو ڏينهن هڪ ڪ??ري باب طور ياد رکيو ويندو، جيڪو ڪم ملڪ جو ابدي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا گروه سياسي لباس اوڙهي ڪري ڏيکاريو آهي، اهڙي ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪ فوج پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنهن کي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ ??ست??مال ڪري سگهجي پر پاڪ فوج جي ذميواراڻي رد عمل ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، اسان کي چڱي طرح خبر آهي ته ان جي پ??يان پارٽي جي ڪجهه شرپسند قيادت جا حڪم،هدايتون ۽ مڪمل اڳواٽ رٿابندي هئي ۽ آهي، ڪنهن کي به عوام کي اڪسائڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ??ي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ ايس پي آر مان ج??ري بيان ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي نيب جي پڌرائي موجب ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان قانون موجب حراست ۾ ورتو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفت??ري کان فورن بعد هڪ منظم طريقي سان آرمي جي ملڪيتن ۽ ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا ويا ۽ فوج مخالف نعريبازي ڪرائي وئي. هڪ طرف ته اهي شرپسند عنصر عوامي جذبن کي پ??هنجي محدود ۽ خود غرض مقصدن کي پ??رو ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان اڀاريندا آهن ۽ ٻئي طرف ماڻهن کي اکين ۾ ڌوڙ وجهندي ملڪ لاءِ فوج ??ي اهميت کي به اجاگر ڪندي نه ٿڪجندا هئا جيڪو ٻٽي معيار جو مثال آهي. بيان ۾ چيو ويو ته فوج انتهائي صبر، بردب??ري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ساک جي به پرواهه نه ڪندي ملڪ جي وسيع مفاد ۾ انتهائي صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو. ناپاڪ رٿابندي تحت پيدا ڪيل ان صورتحال مان اها ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي ته آرمي پ??هنجو فوري رد عمل ڏي جنهن کي پ??هجي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ ??ست??مال ڪري سگهجي. آرمي جي ميچوئر ريسپانس ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. بيان ۾ چيو ويو ته فوج سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوجي ۽ رياستي ٺڪاڻن ۽ ملڪيتن تي ڪنهن به وڌيڪ حملي جي صورت ۾ شديد رد عمل ڏنو ويندو جنهن جي مڪمل ذميو??ري انهي ٽولي تي هوندي جيڪو پاڪستان کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪڻ چاهي ٿو ۽ هر ڀيري ۽ ڪيترائي ڀيرا ان جو اظهار به ڪري چڪو آهي، ڪنهن کي به عوام کي اڪسائڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ??ي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.