اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فرانسيسي صدر پاران مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سخت م??مت ڪئي آهي ۽ خاتم النبين حضور صه جي شان اقدس جي حوالي سا?? گستاخانا خاڪن ۽ ان سان مسلمانن جي جذبن کي پهچندڙ ٺيس جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به مسلمان جي لاءِ نبي ڪريم صه جي شان اقدس ۾ گستاخي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آهي. ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته گستاخانا خاڪن جي حوالي سان هر ميسر فو??م کي استعمال ڪندي مسلمانن جي جذبن جي ترجماني ??رپور انداز سان ڪئي ويندي. ان حوالي سان او آءِ سي جي پليٽ فا??م کي استعمال ڪندي عالمي دنيا تائين پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت جا خدشا پهچايا ويندا. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.