اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته م??ڪي ترقي صنعتي عمل جي فروغ سان واڳيل آهي، معاشي حالتن ۽ خاص طور تي ڪورونا جي ??ري ٿيندڙ نقصانن سان صنعتي شعبي ۽ خاص طور تي ننڍي ۽ وچين صنعت کي بچائڻ جي لا??ِ ضروري آهي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل ڳوليو وڃي. هو صنعتي عمل جي فروغ خاص طور تي ننڍي ۽ وچين درجي جي صن??تن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ??ري رهيو هو.