اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن ۽ حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا جي پکيڙ کي روڪيو ??يو آهي، خطرو اڃان موجود آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم جو تعاون گهربل آهي، محرم الحرام ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ ٿين??ڙ تباهي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت ??ان مڪمل تعاون ڪندي، اسڪولن ۾ تعليمي سرگرمين جي بحالي جي حوالي ??ان صوبائي حڪومتون اسڪولن جي انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت ??ان سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪووڊ -19 بابت نيشنل ??وآ??ڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.