اسلام آباد – 04 آ??سٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع تي ??ار??ي غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ??ار?? سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ??ار?? سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي نقشو پوري پاڪستاني قوم جي امنگن جي ترجماني ڪري ٿو، پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال ??ي پرڏيهي وزارت ۾ ميڊيا ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ??ار??ي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ امن ام??ن جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ??ار?? جي هندوتوا پاليسين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين ک?? هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. ??ار?? سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾وجهي ڇڏيو آهي. ??ار?? والاريل ڪشمير جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانونن جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪست??ن جي نئين سياسي نقشي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.