اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعمير??ت ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ تعميراتي شع??ي جي لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل تازي مراعتي پيڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هائوسنگ، تعمير??ت ۽ ترقي سان قومي رابطا ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جو پهريون اجلاس سندس صدارت ۾ 10 جولاءِ تي ٿيو، ان ڪميٽي جي قيام جو مقصد تعميراتي شبعي بابت قانونن کي آسان بڻائڻ ۽ قرض?? جي فراهمي جي عمل ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ آهي.