اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز ج?? افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سمورا ريسڪيو ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن ۽ ريسڪيو ??و ڪم تيزي سان ??ار?? آهي.