اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا وا??رس هن وقت تائين 147 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي، انهن ملڪن ۾ هڪ لک 72 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان مرض سبب 97 کان 98 سيڪڙو ماڻهو مڪمل صحتياب ٿي ويندا آهن، ملڪ ۾ ڪ??رونا وا??رس جي صورتحال جي باري ۾ روز??ني جي بنياد تي عوام کي آگاهه ڪيو ويندو، گذريل ڏينهن ڪوڊ 19 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ ڪ??رونا وا??رس جي حوالي سان صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سينٽر بڻائڻ جو مقصد مستند ۽ تازا ترين معلومات ميڊيا تائين باقاعدگيءَ سان پهچائڻ آهي، ان حوالي سان روز??ني جي بنياد تي معلومات ڏني ويندي. هن ٻُڌايو ته وا??رس سبب هن وقت تائين 147 ملڪ متاثر ٿيا آهن، انهن ملڪن ۾ 78 هزار ماڻهو اه??ا آهن جيڪي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن.