اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي آهي ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ بلوچ شا??ردن کي هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي واقعن کان بچڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اهڙيُون هدايتُون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 اپريل 2022ع جي حڪم نامي جي تعميل ۾ بلوچ شا??ر??ن جون شڪايتون ٻڌڻ کانپوءِ جاري ڪيون آهن جنهن ۾ صدر جيڪو قائداعظم يونيورسٽي جو چانسلر به آهي، کي چيو ويو هو ته هو بلوچ شا??ر??ن جي مسئلن کي فوري حل ڪري، عدالت بلوچ شا??ر??ن جا مسئلا ٻڌا، نسلي پروفائلنگ جي جاچ ڪرڻ ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو هو، صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي کانپوءِ ڪئي جنهن ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب چوڌري ۽ ايڊووڪيٽ ايمان زينب حاضر شرڪت ڪئي، صدر ايڇ اي اي کي سمورين وفاقي يونيورسٽين کي پنهنجي ڪميپسز ۾ هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي ڪنهن به واقعي کان بچڻ لاءِ اڻٽر قدم کڻڻ لا??ِ ضروري هدايتون جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ کي هڪ انوکي صورتحال درپيش آهي ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جو ٻيهر سر کڻڻ ڳڻتي جوڳو آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي تدارڪ لاءِ ڪوششون اسان جي امن ۽ وجود لا??ِ ضروري آهن پر کين انتهائي احتياط ۽ توازن سان انجام ڏيڻ گهرجي ته جيئن آبادي جي ڪنهن به طبقي خاص طور تي بلوچستان جي شا??ردن کي ڌار يا پروفائل نه بڻائي سگهجي، صدر قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي به هدايت ڪئي ته بلوچستان جي شا??ر??ن جي معاملي ۾ عمومي طور تي احساس محرومي يا تنهائي ڏٺي ويندي آهي، تنهن ڪري سمورن تعليمي ادارن تي فرض آهي ته هو اهڙن جذبن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ احتياط ڪن. هن چيو ته بلوچ شا??ردن ۾ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ شا??رد برادري جي اندر سرگرمين ۽ مباحثن جو هڪ فعال پروگرام تيار ڪرڻ گهرجي، هن وائيس چانسلر کي چيو ته هو اهڙي ڪنهن به سرگرمي جي سرگرمي سان نگراني ڪري جيڪا قائداعظم يونيورسٽي ۾ بلوچ شا??ر??ن جي لاءِ ڳڻتي جو سبب هجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بدنامي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ يونيورسٽي ايندڙن جي تصديق ڪئي وڃي، ان کان اڳ صدر 20 ۽ 21 اپريل 2022ع تي بلوچ شا??ر??ن جا مسئلا ٻڌا هئا، صدر کي آگاهه ڪيو ويو هو ته هڪ بلوچ شا??رد بلوچستان ۾ پنهنجي اباڻي شهر کان گم ٿي ويو آهي جنهن کي هڪ نامعلوم شخص جو فون آيو جنهن ان کي ٻي نامعلوم شخص کان قائداعظم يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ ملڻ جو چيو، ان کانپوءِ معلوم ٿيو ته ??في?? بلوچ نالي شا??رد بازياب ٿي چڪو آهي ۽ اهو پوليس جي حراست ۾ آهي. شا??ردن صدر/ قائداعظم يونيورسٽي جي چانسلر کان ??في?? بلوچ جي سيمسٽر کي منجمند ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته جئين هو الزام مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي، قائداعظم يونيورسٽي جي وائس چانسلر بلوچ شا??ر??ن جي درخواست سان اتفاق ڪيو ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته ??في?? بلوچ جو سيمسٽر منجمند ڪيو ويندو ته جئين هو الزامن مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي، صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ نامعلوم ماڻهن پاران ڪجهه بلوچ شا??ردن کان تحقيق جي آڙ ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ مختلف تنظيمن ۾ شموليت جي انهن جي ارا??ن جي باري ۾ سوال ڪيا پيا وڃن، صدر شا??ر??ن جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ ايڇ اي سي ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي بلوچ شا??ر??ن جي شڪايتن جي جلد کان جلد حل کي يقيني بڻائڻ لا??ِ ضروري حڪم جاري ڪيا، شا??ردن صدر جو بلوچ شا??ردن کي ڪافي وقت ڏيڻ ۽ تحمل سان انهن جا خدشا ٻڌڻ تي ٿورو ادا ڪيو