اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بل??چستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ن) بل??چستان جي وقتي صدر جمال شاهه ڪاڪڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمال شاهه ڪاڪڙ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ کي واپس ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم جي گذريل سالن ۾ نظرانداز ڪيل علائقن خاص طور تي بل??چستان جي ترقي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته بل??چستان ۾ ترقي جي رفتار کي و??يڪ تيز ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت بل??چستان جي باصلاحي?? افرادي قوت کي ترقي جي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.