اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) متحده اپوزيشن ??ار??ن قائد ايوان جي اميدوار شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير ??سئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن ممڪن نه آهي، ملڪ ۾ نئين دور جي شروعات ڪنداسين، گڏيل احترام کي هٿي ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي موقعي تي صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته قومي هم آهنگي منهنجي پهرين ترجيح هوندي، ڪوشش هوندي ته ملڪي معيشت بهتر ڪري عوام کي ري??يف ڏئ?? سگهون، نئين ڪابينا جي جوڙجڪ مخالف ڌر اڳواڻن سان مشوري سان ٿيندي. هن چيو ته ملڪ ۾ گڏيل احترام کي فروغ ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف جا ڪيسز قانون موجب ڏٺا ويندا.