اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ??لس?? عوام جو ??لس?? آهي، عمران خان پاڪستان جو محسن آهي، جنهن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو، پاڪستان جي عوام عمران خان جي ??لس?? جي لاءِ گهرن مان نڪري. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف ??لس?? جي حوالي سان پنهنجي خصوصي وڊيو پيغام ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان بابت چيو ويندو هو ته هتي پئسي سان هر ڪنهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو، اڄ اهو پاڪستان عمران خان جي ڪري ڪنڌ کڻي بيٺل ??هي. هن چيو ته بهادر قوم کي بهادر ليڊر جي ضرورت هوندي آهي، عمران خان اهو ليڊر آهي جيڪو ڪڏهن عوام جو ڪ??ڌ جهڪڻ نه ڏيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خان پاڪستان جي معيشت ۽ انڊسٽري کي پنهنجي پيرن ??ي بيهاريو. هن پاڪستان جي عوام بشمول عورتن، ٻارن ۽ جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پريڊ گرائونڊ اسلام آباد پهچن ۽ وزيراعظم عمران خان جو امر بالمعروف ??لس?? کي تاريخي خطاب ٻڌن.