اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي مالي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي ممڪن نه آهي، ڇوڪريون ۽ عورتون قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي اسلام ۽ آئي?? جي ذريعي فراهم ڪيل پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ فعال شرڪت جي ذريعي جدوجهد ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورت?? جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام پاران منعقد ڪامياب عورت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اولهه ۾ 1920ع تائين عورتن کي مرد?? جي ملڪيت سمجهيو ويندو هو پر اسلام اٽڪل 1400 سال اڳ عورت?? جي وراثتي حق?? جي ضمانت ڏني هئي. ڀائرن پاران پنهنجي ڀينر?? جي وراثت تحفي جي نالي تي حاصل ڪرڻ جي رجحان تي تنقيد ڪندي صدر چيو ته عورتون هاڻي محتسب جي آفيس يا عدالتن سان رجوع ڪري سگهن ٿيون ڇو ته حڪومت انه?? جي وراثتي حق?? جي تحفظ جي لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي آهي. هن چيو ته فعال شرڪت جي ذريعي عورتن کي پنهنجي حق?? جي تحفظ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، تعليم يافته عورتن کي به گهرجي ته اهي اڻپڙهيل عورتن کي پنهنجي حق?? جي تحفظ جي دستياب موقعن ۽ علاج جي لاءِ رهنمائي ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن تي زور ڏنو ته اهي بئنڪ وڃڻ کانسواءِ موبائيل ايپليڪيشن ذريعي آن لائين بئنڪ اڪائونٽ کولڻ جي سهولت مان فائدو کڻن ڇو ته انهن کي ان سان مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ميانوالي ۾ پنهنجي ئي والد جي هٿان هڪ هفتي جي ٻارڙي جي قتل کي هڪ ”شرمناڪ واقعو“ قرار ڏيندي صدر عورتن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي ٻار?? جي اخلاقي تربيت تي ڌيان ڏين ته جيئن انهن ۾ عورت?? جي حق?? جي حوالي سان شعور اجاگر ٿئي. هن خاص طور تي عورت?? جي صحت تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن جو سماجي تحفظ به ايترو ئي ضروري آهي جڏهن اهي پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرن ته انهن کي تحفظ جو احساس ٿئي. هن عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي عورتون پنهنجي گهر ۾ رهي ڪاميابي سان پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهن ٿيون. هن چيو ته ميٽا (پهرين فيس بڪ) کي هن سال 100000 عورتن کي هنرمندي جي تربيت ڏيڻ جو هدف ڏنو ويو هو ته جيئن انهن کي اشتهارن ۽ ٻيون لاڳاپيل مهارتون فراهم ڪيون وڃ?? جيڪي اي ڪامرس ٽولز تي مصنوعات جي تشهير جي لاءِ گهربل آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ شرڪت ڪندڙن کي عورت?? جي حق?? جي لاءِ پنهنجي مسلسل ڪردار جو يقين ڏياريو ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ حق?? جي تحفظ جي لاءِ انهن سان گڏ بيهڻ جي عزم کي ورجايو. موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل پاڪستان سان گڏوگڏ ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورت?? جي تاريخي ڪردار ۽ قربانين تي روشني وڌي. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو جڏهن ته ڪامياب جوان پروگرام، احساس پروگرام ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام مان فائدو کڻندڙن ۾ چيڪس، سرٽيفڪيٽس ۽ گهرن جون چاٻيون ورهايون ويون.