اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان اخلاق جي تع??ير جي موضوع تي جمعي جو خطبو معمول موجب سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو. هن چيو ته زندگي جي هر رخ جي لحاظ کان حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ ۽ تع??يمات اسان جي لاءِ مشعل ر??هه آهن، بهترين اخلاق معاشري جو حسن هوندو آهي جنهن معاشري ۾ رويي ۽ هڪ ٻئي سان سلوڪ بهتر هجي اهو ئي معاشرو دنيا ۾ عزت ۽ وقار جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اسلا?? جي تاريخ اخلاق حسنه جي مثالن سان ڀري پئي آهي، هن هجرت حبثه جو تاريخي حوالو ڏنو ۽ چيو ته مسلمان پناهگيرن جي اخلاق جي ڪري اتي ان لاءِ عزت، احترام ۽ همدردي جا جذبا پيدا ٿيا آهن، اسلا?? جي ڇپجڻ جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلمان ديانت، امانت، سچائي، تعاون ، ايثار ۽ انساني احترا?? جي روين کي فروغ ڏنو، هن عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ ۽ ٻين کي خراب نالن سان پڪارڻ جي مخالف جي باري ۾ اسلامي تع??يمات تي روشني وڌي. هن بدگمانين سان گڏوگڏ غيبت کان بچڻ جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته ان حوالي سان دين اسلام ۾ واضح هدايتون آهن، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اخلاق حسنه رکندڙ معاشرو جوڙي اسان پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ان موقعي تي ملڪ ۽ قو?? جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ??يو ويو آهي.