اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم جي ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي عمل پيرا ٿي اسان پاڪستان کي مضبوط ۽ ترقي يافته بڻائي سگهون ٿا، ٻا?? اسان جي مستقبل جي قيادت آهن، انهن کي سدائين سچ ڳالهائڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، والدين ۽ استادن جي عزت ڪرڻ، ٻين مذهبن جي ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ۽ خصوصي ٻا??ن سان محبت جي نصيحت ڪريون ٿا، پاڪستان جي خانداني نظام جي مضبوطي اسان جي ملڪ جو خوبصورت ٿنڀ آهي، اسان ??ي ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي مناسبت سان ايوان صدر ۾ قائد ۽ ٻا?? جي عنوان سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻا??ن خوبصورت ملي نغما پيش ڪيا جن ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ثقافت جي عڪاسي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هونهار ٻا??ن قائد جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ان جي تاريخي ڪارنامن ??ي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي جڏهن ته صدر ۽ خاتون اول ٻا??ن سان گڏجي قائداعظم جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ڊاڪٽر عارف علوي قائد جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هر سال 25 ڊسمبر تي ايوان صدر ۾ اها تقريب منعقد ڪئي وڃي ٿي، اڄ ٻا??ن سان هتي هو هن تقريب ۾ ڀرپور لطف اندوز ٿيو، ٻا??ن پنهنجي تقريرن ۾ ڀرپور انداز ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ قائد جي جدوجهد ??ي اجاگر ڪيو جڏهن ته انهن جي معصوماڻي ڳالهه ٻوله?? سان اسان ??ي اهو تصور مليو ته آزادي ڪيتري وڏي نعمت آهي، ماڻهو ان جي لاءِ سوين سال جدوجهد ۽ مصيبتون برداشت ڪن ٿا. صدر چيو ته آزادي سڀ کان قيمتي شيءَ آهي، هي ٻا?? اسان جي مستقبل جي قيادت آهن، انهن جي عمر کيڏڻ جي آهي، قائداعظم هڪ سٺو رانديگر هو پر سندس والده کيس اها نصيحت ڪندي هئي ته جيڪڏهن پڙهندي لکندي ته وڏو ماڻهو ٿيندين، قائداعظم کي ٻا??ن سان تمام گهڻي محبت هئي، ٻا?? کيس خط لکندا هئا جن جو جواب هو پنهنجي صحيحن سان ڏيندو هو جڏهن ته آزادي جي تحريڪ ۾ ٻا?? کيس چندو به ڏيندا هئا. صدر چيو ته قائداعظم سدائين پنهنجي ڀيڻ کي هر محفل ۾ گڏ رکندو هو، سندس ??هو قدم هڪ مڪمل خاندان جي عڪاسي هئي. هن چيو ته محنت سان منزل نظم ۽ ضبط حاصل ٿئي ٿو، اتحاد سان اسان وڏي طاقت بڻجي سگهون ٿا، سدائين سچ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، هڪ ٻئي سان سچ ڳالهائڻو آهي اها ئي نصيحت اسان جي پيغمبر ﷺ جي هئي جڏهن ته قائداعظم به سچ ڳالهائڻ ۽ محنت جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ جيڪڏهن اهي هڪ ٻه شيون اچي وڃن ته پاڪستان مضبوط تر ملڪ بڻجندو. هن ٻا??ن کي نصيحت ڪئي ته امانت ۾ خيانت نه ڪريو، ماءُ پيءُ ۽ استادن جي سدائين عزت ڪريو، راند سان جسماني طاقت نظم ۽ ضبط ۽ صلاحيتن ??ي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو اها به ضروري آهي، وڏن جي عزت ڪريو جيڪا پاڪستان جي خوبصورتي آهي ٻين مذهبن جي ماڻهن سان به سٺو سلوڪ ڪريو، خصوصي ٻا??ن سان محبت ڪريو. هن چيو ته اسان جو خانداني نظام اسان جي معاشري جو خوبصورت ٿنڀ آهي، ان کي مضبوطي سان پڪڙڻو آهي، ننڍن وڏن جو خيال رکڻو آهي، اهو ئي پاڪستان جي ثقافت جو به حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مضبوطي ۽ ترقي اسان جو خواب آهي، قائداعظم هڪ ڀيرو هڪ ٻا?? کان پڇيو ته توهان کي وڏو ٿي ڇا بڻجڻو آهي ته هن چيو ته آئون قائداعظم بڻجندس ??نهن تي باباءِ قوم چيو هو ته پاڪستان کي هڪ ٻئي جناح جي ضرورت آهي. هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ان دعا سان ڪئي ته جيستائين آهي هي دنيا باقي اسان ڏسون آباد توکي، سوهڻي ڌرتي الله رکي قدم قدم آباد توکي.