اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) ينگ پارليامينٽريز فورم جي چونڊ پارليامينٽ هائوس ۾ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قائم خان سوري جي ??فيس ۾ منعقد ٿيو، چونڊ عمل صبح 11 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو، ايم اين اي مخدوم زين حسين قريشي، رومينه خورشيد عالم، سيد مرتضيٰ محمود، سيده نوشين افتخار واءِ پي ايف بورڊ جا ترتيبوار بنا مقابلي صدر، نائب صدر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊجي ويا. ايم اين اي ڪنول شوزب ۽ عظميٰ رياض واءِ پي ايف بورڊ جي ??نرل سيڪريٽري جي ??هدي، جڏهن ته ايم اين اي شاندانه گلزار خان ۽ ايم اين اي تاشقين صفدر ميڊيا ڪوآ??ڊي??يٽر جي ??هدي لاءِ آمهون سامهون هيون، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چونڊ نتيجن جو اعلان ڪيو جنهن موجب ايم اين اي ڪنول شوزب 62 ووٽ کڻي واءِ پي ايف بورڊ جي ??نرل سيڪريٽري چونڊجي وئي ۽ سندس مقابلي ۾ عظميٰ رياض 30 ووٽ حاصل ڪيا، ايم اين اي تاشقين صفدر 54 ووٽ کڻي ميڊيا ڪوآ??ڊي??يٽر چونڊجي وئي ۽ سندس مقابلي ۾ شاندانه گلزار خان 38 ووٽ حاصل ڪيا، اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري واءِ پي ايف بورڊ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ??اءِ پي ايف بورڊ جي نون چونڊيل عهديدارن جي چونڊ عهديدارن تي ميمبرن جي ??عتماد جو ثبوت آهي، هنن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ??وان چونڊيل عهديدار ينگ پارليامينٽرينز فورم کي وڌيڪ متحرڪ ۽ فعال بڻائيندا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر نون چونڊيل عهديدارن کي انهن جي ??ميدارين جي ??رانجامي لاءِ پنهنجي ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي مڪمل تعاون جي ??اطري ڪرائي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر واءِ پي ايف بورڊ جي ??رادن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ??ي فورم 2003ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي، هن چيو ته کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ??ي فورم 2003ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي، هن چيو ته YPF بڻائڻ جو مقصد ينگ پارليامينٽرين جي ??لاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان انجام ڏئي سگهن، هن چيو ته YPF جي ??ليڪشن هر ٻن سالن کانپوءِ منعقد ڪئي ويندي آهي ۽ موجوده اسيمبلي جي ??ور ۾ اهو ٻيو اليڪشن آهي جيڪو اڄ منعقد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته چونڊن ۾ سمورين پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن ۽ سينيٽرن حصو ورتو ۽ اجلاس نه هجڻ جي ??اوجود 92 ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو ورتو.