اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊا??ٽر سلامي ڪليچ ۽ پروف??سر ڊا??ٽر جلال سويدان کي اس??نبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف علوي ڊا??ٽر سلامي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊا??ٽر سلامي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سر??رمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊا??ٽر سلامي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروف??سر ڊا??ٽر جلال سويدان کي ستاره قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو اس??نبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊا??ٽر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڊا??ٽر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊا??ٽر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊا??ٽر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذهبي فڪر جو ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي.