اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سال 2021ع پاڪ چين ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي ??ان وڏي اهميت رکي ٿو، پاڪ چين دوستي نه رڳو حڪومتي حڪومتي سطح تي پر عوامي سطح تي به قائم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نانگ رانگ ??ان سندس رهائشگاهه تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته چين سدائين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ ٻئي ملڪ دنيا جي سمورن اهم فورمن تي مختلف عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندا آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته چين ج?? پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي ۽ سي پيڪ جي ڪر?? پاڪستان خطي جو معاشي ??ب ثابت ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ گڏيل ترقي جا بي پناهه موقعا فراهم ڪري ٿو ۽ سي پيڪ منصوبن ??ان روزگار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ميسر ايندا. سي پيڪ جي ڪر?? پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي جي رفتار تيز ٿي آهي ۽ پاڪستان چين دوستي مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي