اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پيغمبر اسلام ﷺ جي توهين آميز خاڪن جي ڇپائي جي رد عمل ۾ فرانس سان لاڳاپن ۽ سفير ج?? ملڪ بدري بابت قرارداد تي پارليامينٽ جي سفارشن کانپوءِ ئي ??ڪو??ت ڪو حتمي فيصلو ڪندي، پاڪستان جو افغانستان جي استحڪام ۽ نئين سر تعمير ۾ اهم ڪردار هوندو. وائيس آف آمريڪا کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته پرڏيهي پاليسي جي فيصلو وفاقي ??ڪو??ت جو استحقاق آه?? تنهن هوندي به پارليامينٽ پنهنجون سفارشون سامهون آڻي سگهي ٿي، هن چيو ته هڪ جمهور?? ملڪ هجڻ جي حيثيت سان فرانس جي سفير ک?? ملڪ مان ڪڍڻ جي قرارداد پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ته جئين عوام جي جذبن جي عڪاسي ٿي سگهي ۽ پارليامينٽ ئي اهو فورم آه?? جتي عوام جي خواهشن جو صحيح اظهار ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به ان جي بقول وزيراعظم عمران خان اهو سمجهي ٿو ته سفير کي ڪڍڻ سان پاڪستان کي معاشي نقصان ٿيندو، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي مذهبي طبقي جي پرتشدد احتجاج ڪجهه يورپ?? ملڪن جي اسلام جي حوالي سان قدمن جو نتيجو آه?? جنهن اهڙي وقت ۾ تهذيبن کي هڪٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو آه?? جڏهن دنيا کي امن جي ضرورت آه??، عارف علوي چيو ته مون کي ڪو به حق نٿو پهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙي ڳالهه ڪريان جو ڪنهن کي تڪليف پهچائي. يورپ ۾ هولوڪاسٽ بابت ڳالهه ڪرڻ قانوني طور تي ڏوهه قرار ڏنو ويو آه??، هن چيو ته پيغمبر اسلام جي گستاخانه خاڪن جي ڇپائي سان ماڻهن جا جذبا مجروح ٿيا، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 18 هين آئيني ترميم تي وزيراعظم عمران خان جا اعتراض جائز آه?? ته وسيلن جي اعتبار سان وفاق جو حصو وڌڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکيو آه??، جنهن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آه??، جهڙي طرح آئين ۾ بهت??ي جي لاءِ آئين ۾ ترميم آڻي سگهجي ٿي اهڙي طرح ارڙهين ترميم ۾ بهت??ي جي لا??ِ به ترميمون آڻي سگهجن ٿيون. صدر چيو ته 18 هين ترميم مجموعي طور تي هڪ مناسب آئيني ترميم هئي جنهن ۾ 58 ٽو بي جي تلوار هٽائي وئي ۽ قومي وسيلن تي صوبن کي ڪيترائي اختيار ڏنا ويا، صدر چيو ته آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ ڀارت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.