اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڪير به قانون ۽ آئين کان مٿانهون نه آهي، ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاران رياست جي رٽ چئلينج ڪئي وئي ۽ ت??دد جو رستو اختيار ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي پاڪستان ?? ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي حڪومت رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ان وقت ڪارروائي ڪئي جڏهن انهن رياست جي عملداري کي چئلينج ڪي?? ۽ ??شدد جو رستو اختيار ڪندي عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا.