اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فو??ن پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار پريڊ ڪئي، پريڊ ۾ ترڪ فو??ي بينڊ، بحرين، فلسطين، عراق، سريلنڪا ۽ ترڪي جي پيراٽروپرز خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، پريڊ دوران پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي عسڪري قوت جو زبردست مظاهرو ڪ??و ويو. حاضرين جو ملي جوش ۽ جذبو هڪ قوم هڪ منزل جي ٿيم جو حقيقي عڪاس هو. هٿياربند فو?? جي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو قومي جهنڊي کي 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ عيسيٰ بن خليفه، ڪمانڊر ??و ڪي اس??ريٽجڪ ڪمانڊ سر پيٽرڪ سينڊرز ۽ چيف آف دي ڊفينس اينڊ ڪمانڊر سريلنڪن آرمي به پريڊ جو مشاهدو ڪيو. شڪرپڙيان جي پريڊ گرائونڊ ?? قومي علم کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ 105 فيلڊ ريجمينٽ قومي علم کي سلامي ڏني. تقريب ۾ بري فو?? جي سربراهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان امتياز (مل??ري)، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، وائيس چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل سعيد نعمان علي هلال امتياز (مل??ري)، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي هلال امتياز (مل??ري)، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، وفاقي وزيرن، مختلف ملڪن جي سفيرن، فنڪارن، رانديگرن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي تعداد يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ روايتي بگل وڄائي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي جي آمد جو اعلان ڪ??و ويو جيڪو خصوصي لال بگي ۾ سوار ٿي پريڊ گرائونڊ پهتو. پريڊ خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي سلامي پيش ڪئي ۽ قومي ترانا ٻڌا??و ويو. قومي تراني کانپوءِ قرآني آيتن جي تلاوت سان تقريب جو باقاعد آغاز ڪ??و ويو. هٿياربند فو?? يوم پاڪستان پريڊ جي پريڊ ڪمانڊر خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان پريڊ جي معائني جي درخواست ڪئي. يوم پاڪستان پريڊ ۾ ايئر چيف مارشل جي قيادت ۾ فلاحي پاسٽ جو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي جهازن فلائي پاسٽ ڪيو، صدر پاران پريڊ جي معائني کانپوءِ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه فلائنگ پاسٽ جو شاندار ۽ مظاهرو ڪيو ۽ پاڪ فو?? جي دستن مارچ پاسٽ ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي دفاعي ساز ۽ سامان جي نمائش به ڪئي وئي.