نوشهره – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوڊ سيڪيورٽي، وڌندڙ آبادي، روزگار جي فراهمي، موسيماتي تبديلي، آلودگي ۽ پرڏيهي ناڻي جي گهٽتائي کي ملڪ جي لاءِ وڏا چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪر رهيو آهي، زيتون جي پوکي مان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ روزگار ج?? موقعا ملندا، پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، سڄي ملڪ ۾ ميو??دا?? وڻن جي پوکي لاءِ علائقا مختص ڪيا ويندا، وڌندڙ آبادي لاءِ فوڊ سيڪيورٽي حڪومت جي ذم??دا??ي آهي، نوجوانن ۽ شاگردن کي بلين ٽري سونامي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جيڪڏهن اسان زيتون جي پوکي تي ڌ??ان ڏيون ته اسپين جي مق??بل?? جي مق??بل?? ۾ وڌيڪ کاڄرو تيل برآمد ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زيتون جي وڻڪاري مهم جي آغاز تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.