اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته اقتدار کان محرومي مخالف ڌر کي ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ناڪامي کانپ??ءِ پي ڊي ايم جا جلسا ملتوي ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته هي سياسي ڪنفيوزڊ آهن، پاڪستان جي عوام پي ڊي ايم خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي ذاتي مفاد جي تحفظ جي ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته هي ڄاڻي وٺن ته عوام ڪرپشن جي حمايت ۾ نه پر ڪرپشن جي خلاف نڪرندي آهي، عمران خان جي ڪرپٽ نظام ۽ ان جي بينيفشريز جي خلاف جنگ پوري قوت سان جاري رهندي. هن چيو ته عمران خان جي بغض ۾ هي لکين ج??ن ڪري وٺن، عوام انهن جي ڪنهن تحريڪ سان گڏ نه آهي ۽ نه ئي هوندي.