GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت

image

اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ان جي خاتمي جي لاءِ قومي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ هر ٻار کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ويڪسين جون ڪيتريون ئي خوراڪون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ قومي ٽاسڪ فورس پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس، گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس الياس، صنفي برابري واري صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي ۽ گيٽس فائونڊيشن جي پوليو جي خاتمي واري ڊپٽي ڊائريڪٽر مائيڪل گالوي، روٽري، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او جي حصيدار تنظيمن ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي پروگرام ۾ پاڪستان سان اهم حصيداري ۽ ڊگهي وابستگي تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. هن پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي جي لاءِ فرنٽ لائين ورڪرز، حڪومتي قيادت ۽ حصيدارن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم شهباز سريف ان عزم جو اظهار ڪيو ته جيستائين وائرس گردش ڪندو رهندو ۽ ٻارن کي مفلوج ڪندو رهندو ان جي خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون پوري قوت سان جاري رهنديون. 2024ع دوران پوليو جي 5 ڪيسز ۽ 185 ماحولياتي نمونن جي پوليو وائرس مثبت هجڻ جي رپورٽ کي ڳڻتي جو سبب قرار ڏيندي وزيراعظم پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ قومي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اختيار ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي ويڪسين جون ڪيتريون ئي خوراڪون ڏنيون وڃن ۽ اهي پوليو کان محفوظ رهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صوبن کي پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ وائلڊ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ گهرجن. بل گيٽس پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس فائونڊيشن پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکندي. هن پوليو جي خاتمي جي مهم دوران ٻارن کي وڌ کان وڌ ويڪسينيشن پيارڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس کي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي امن امان جي خراب صورتحال ۾ ورتل علائقن ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ هڪ ٻئي پٺيان پوليو مهم جي لاڳو ڪرڻ ۾ درپيش چئلينجز بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي پوليو وائرس جي خاتمي جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي مختلف قدمن ۽ ويڪسينيشن جي تازي رجحانن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب معمول جي ويڪسينيشن ۾ سڀ کان اڳتي آهي ۽ ان ۾ ويڪسينيشن جو تناسب صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. سڄي پاڪستان ۾ وائلڊ پوليو وائرس جي تشخيص ۾ تازي اضافي تي جاري قدمن تي پڻ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي. ٽاسڪ فورس قومي پوليو پروگرام ۾ هيلٿ ورڪرز، ڪميونٽي موبلائزرز ۽ وٽيرينز جي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثابت قدمي کي ساراهيو جيڪي خراب امن امان جي صورتحال، چرپر ۾ ايندڙ آبادين تائين غيرمتواتر پهچ ۽ ويڪسين کا انڪار جي چئلينجز جي باوجود وائرس جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن. پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پيارڻ جي مهم کانسواءِ، ٽاسڪ فورس صحت جي مرڪزن تي معمول جي ويڪسينيشن جي انتظامن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صحت جي صوبائي وزيرن، انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل ڪاشف نذير، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگلت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں